ڊرگھه بالا

ڊرگھه بالا (ماڳ): هيءُ تاريخي ماڳ اسلامي دؤر جو يادگار آهي. هتي کوهه ۽ هڪ عيدگاهه به واقع آهي، جن کي ميرن جي دؤر ۾ وڏي اهميت حاصل هئي. هي ماڳ تعلقي جوهي، ضلعي دادوءَ ۾ ڊرگهه بالا ڳوٺ وٽ آهي، جتي هڪ قلعي جا قديم آثار موجود آهن، جنهن جي ٻاهران هڪ ويڪرو ۽ سهڻو کوهه آهي، جيڪو پڻ قلعي جيترو ئي پراڻو معلوم ٿئي ٿو. هتي موجود کوهه جي مٿان هڪ خوبصورت پڳ ٻڌل آهي. هتي موجود عيدگاهه جو ڪشادو ميدان آهي، جنهن کي چؤديواري ڏنل آهي. هن وقت قائم عيدگاهه پراڻي عيدگاهه جي هنڌ تي واقع آهي.ڊرگهه بالا هڪ قديم ڳوٺ به آهي، ان جا ٻه حصا پراڻي ڊرگھه ۽ ٻي نئين ڊرگھه سڏجن ٿا. محققن جو خيال آهي ته ڊرگهه اصل ۾ ڊرنگ لفظ جو بگاڙ آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ’ڊرٻ‘ يا ’ننڍڙو دڙو’. انهن مان ’هيٺين ڊرگهه‘ ۽ ٻئي حصي کي ’ڊرگهه بالا‘ ڪري به ڪوٺين ٿا. ”ڪاڇو هڪ اڀياس“ ۾ عزيز ڪنگراڻيءَ ڄاڻايو آهي ته: ”ٽالپرن جي ديري غازي خان کان چوٽي بالا مان هجرت بعد ڊرگهه سندن پهريون سڪونت وارو هنڌ هو.“
ڪلهوڙن جي زماني ۾ ڪي مير شهدادپور ۾آباد ٿيا، ڪي وري جاگيرن ڏانهن هجرت ڪري ويا. جڏهن ته مير ماڻڪ جو اولاد ترتيبوار مير الهيار خان، مير ٺارو خان، مير ڇٽو خان ۽ مير سائينداد خان هتي رهيا. هتي گاج سميت کوهن وسيلي آبپاشي ڪئي ويندي هئي، جنهن جا يادگار اڃا به موجود آهن. هي هنڌ ابتدا کان وٺي آبپاشي ۽ پوکي راهيءَ سميت ڀاڄين جي پيدائش وغيره جي حوالي سان مشهور رهندو آيو آهي. قديم زماني ۾ هي هنڌ وڻج واپار جو به مرڪز رهيو آهي. هتي هڪ ڪوٽ به تعمير ٿيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو